امن مشاعري ۽ ايوارڊ تقريب جو اکين ڏٺو احوال   جانب کوسو

13 مارچ 2016ع تي سهڪار فورم ۽ دادو ضلعي جي شاخن جي تعاون سان ضلعي رابطا سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ضلع دادو پاران پير الاهي بخش هال ۾ امن مشاعرو ۽ ايوارڊ تقريب منعقد ڪئي ويئي. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض ممتاز مصطفى دوست سرانجام ڏنا. صدارت لاءِ عبدالغفار تبسم، مهمان خاص نواز زنئور، اعزازي مهمان نجم سُرهيو، الطاف ملڪاڻي، عبدالحميد آس ٻٻر ۽ عبد مگسي کي اسٽيج تي گهرايو ويو. پروگرام جي شروعات لاءِ غلام مصطفى خادم فقير مڱڻيجو کي ڀٽائي جي وائي پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جنهن  رات به مينهڙا وٺا، کنوڻن کيل ڪيا، مون ٻاجهارن تي ترنم ۾ پيش ڪئي. ان کانپوءِ مهمانن جي آجيان لاءِ ضلعي رابطا سيڪريٽري غلام حيدر گهايل لغاري کي سڏايو ويو. آجياڻي تقرير جي شروعات گهايل لغاري ڀٽائي جي بيت سان ڪئي.

امن مشاعري ۾ بهترين شعر پڙهڻ لاءِ شهيد مخدوم بلاول ايوارڊ رکيو ويو، عبدالغفار تبسم، آس ٻٻر ۽ نواز زنئور کي جج مقرر ڪيو ويو ۽ ان ڪاميٽي جو چيئرمين عبدالغفار تبسم کي ڪيو ويو. امن مشا عري ء ايوارڊ تقريب ۾ دادو ضلع جي هڪ سو کان وڌيڪ شاعرن ء اديبن ،راڳين،صحافين،ليکڪن شرڪت ڪئي .مشاعري مقابلي ۾ 60 کان وڌيڪ شاعرن امن موضوع تي شاعري پيش ڪئي جن  ۾ مير جسڪاڻي، ضمير ڪوريجو، جانب کوسو، احسان علي سيال، عاشق دادوي، وفا ياسين چارڻ، راحب جمالي، برج لال بيوس، مانجهي زرداري، نذير نياز جويو، ڊاڪٽر ناشاد فاروق سومرو، خليل عارف سومرو، احسن ابڙو، تابش بخاري، شڪور چارڻ، گلزار پاٽائي، نديم مغل، صالح فقير پنهور، مدهوش ٿهيم، ابراهيم ملاح، خادم جسڪاڻي، معظم علي رند،  غلام الدين غلام، محرم جتوئي، لياقت علي لياقت، نقاد ٿهيم، وفا ياسين آرائين، اويس قرني، آزاد زنگيجو،  وفا منظور پنهور، نماڻو مهيسر، احسان زنگيجو، محبوب جانوري، گوهر گل ڳورڙ، وفا مولائي منظور، گلزار سيال، بشير احمد چنا،  عتيق الرحمان ميمڻ، اعظم ڇڻڪو ،شرفت الدين پهنور،عاجز سرگاڻي ۽ ٻين  شاعري پڙهي ناضرين کان خوب داد ماڻيو

آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾،

پسي پهر پنهوءَ جي، ننهن سئين نيڻ ٺريام،

گوندر وسريام، سُکن شاخون مُڪيون.

ان آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ ڀليڪار ڪئي، ان ڳالهائيندي چيو ته مون گهٽ، ٻوسٽ خوف واري ماحول کي پُرسڪون بڻائڻ لاءِ هي امن مشاعرو ڪرايو آهي، مان امن ۽ پيار جو پيغام ڦهلائڻ چاهيان ٿو. مون جان خاصخيلي جي ڪهاڻي خوابن جو عجاب گهر پڙهي، جنهن مون کي امن مشاعرو ڪرائڻ تي مجبور ڪيو، ان ڪهاڻي جو ڪجهه حصو مان اوهان جي آڏو پڙهندس، ڪهاڻي ۾ اڌوري نظم جو عنوان آهي ڪتبي تي ڊهي ويل اکرن جي سڃاڻ

هن ديس جا ٻار جنگ نٿا چاهين،مائرن کي مهلت ڏيو ته اهي پنهنجي پُٽن جون اميدون پسن،ڪنوارن کي نه ماريو،انهن کي لاڏن جي ڌن تي نکوڙجڻ ڏيو، نه پوکيو،هن ڌرتي جي ڪُک کي نه ايذايو!ٻار اسان جو آئيندو آهن،هنن کي جنگ نه،انُ، اجهو ۽ امن کپي.

. مشاعري کانپوءِ سال 2015ع دادو ضلعي جي 25 ڇپيل ڪتابن تي بهترين ڪتاب ايوارڊ ڏنا ويا. شاعري جي ڪتابن ۾ بشير سيتائي جي ڪتاب چاهه چريا اتساهه چريا کي بهترين شاعري ڪتاب ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو بشير سيتائي جي پٽ فياض بشير سيتائي وصول ڪيو. تحقيق جي ڪتابن ۾ علامه احمد مجتبى غالب جي ڪتاب مادو مذهب ۽ خدا کي بهترين تحقيق ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو ملڪاڻي شريف جي گادي نشين زاهد ملڪاڻي وصول ڪيو. آتم ڪٿا جي ڪتابن ۾ منير احمد چنا جي ڪتاب ڳالهيو ڀيٽ ورن ۾ کي بهترين آتم ڪٿا ڪتاب جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو منير احمد چنا پاڻ وصول ڪيو، ناول ۾ ايس نرگس حق جي ناول اداس راهون مان تنها کي ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو ساس دادو جي سيڪريٽري ضمير ڪوريجو وصول ڪيو. ترجمي جي ڪتابن ۾ همسفر گاڏهي جي ڪتاب اسلامي تهذيب جي تاريخ کي بهترين سنڌيڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو، جيڪو همسفر گاڏهي جي ڀاءُ رياض احمد گاڏهي وصول ڪيو. ڊاڪيومينٽري ۾ اشرف امر لاشاري کي بهترين ڊاڪيومينٽري ڪاڇي جو اڀياس ڪرڻ  تي ايوارڊ ڏنو ويو. سنڌي ادبي سنگت ضلعي دادو جي شاخن جي ڪارڪردگي تي بهترين شاخ ڪارڪردگي جو ايوارڊ سيتا روڊ شاخ کي ڏنو ويو، جيڪو وسيم آڪاش سيتائي ساس سيتا روڊ جي سيڪريٽري  وصول ڪيو.

نذير چارڻ مڃتا شيلڊ وٺي رهيو آهي

جوهر بروهي جي مڄتا شيلڊ ساس ميهڙ وصول ڪندي

 

اسلامي تهذيب جي تاريخ ترجمو همسفر گاڏهي جو ڀاء وصول ڪندي چاه چريا اتساه چريا شاعري جو ايوارد بشير سيتائي جو پت وصول ڪندي ڳالهيون پيٽ ورن ۾ (آتم ڪٿا) جو ليکڪ منير چنا ايوارڊ وصول ڪري رهيو آهي مادو مذهب ۽ خدا (تخليق)جو ايوارڊ ذاهد ملڪاڻي وصول ڪري رهيو آهي

ان کانپوءِ دادو ضلعي جي شخصيتن ۽ ادارن کي ادب جي ميدان ۾ خدمتن تي شهيد مخدوم بلاول مڃتا شيلڊ ڏني وئي جن ۾ نشتر ناٿن شاهي، عبد مگسي جوهرو بروهي، عزيز ڪنگراڻي، رسول بخش شاهه (لطيف شناسي) ڊاڪٽر نذير چارڻ، مسڪين ابراهم ملاح، علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري دادو (نزاڪت فاضلاڻي) ۽ روميسا  آرٽ گئلري دادو (سيڪريٽري تابش بخاري) وصول ڪيا.اعزازي مهمان ۽ جج جا فرائض ڏيندڙ عبدالحميد آس ٻٻر خطاب ڪندي چيو هي دادو ضلعي جي ادبي تاريخ جو پهريون پروگرام آهي جنهن جو سهرو ضلعي رابطا سيڪريٽري ڏانهن وڃي ٿو جنهن هي شآندار پروگرام رچايو آهي. مون ڪڏهن اهڙو پروگرام ناهي ڏٺو. مان گهايل لغاري کي جس ڏيان ٿو، جنهن ايڏي وڏي ۽ سٺي تقريب ڪوٺائي آهي. نجم سرهيو ڳالهائيندي چيو منهنجي دل ڏاڍي خوش ٿي آهي، دادو جا سڀ شاعر اڄ هڪ هنڌ گڏ ٿيا آهن، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو موقعو مليو آهي. اهڙي ليول جا پروگرام هر ضلعي ۾ ٿيڻ کپن، ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن کي مڃتا ملڻ کپي. اڳوڻي رابطا سيڪريٽري عبد مگسي تقرير ڪندي چيو مان گهايل لغاري کي سُهڻي پروگرام ڪرڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، جنهن امن مشاعرو ڪرائي ماڻهن کان واهه واهه ڪرائي ڇڏي آهي. هي هڪ تاريخي ڪم آهي. سُنهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.ماڻهن کي جئري مڃتا ملڻ گهرجي. گهايل لغاري دادو ضلعي جي سڀني شاخن کي پهريون دفعو هڪ هنڌ تي گڏ ڪري تمام وڏو ڪم ڪيو آهي.. تقريب جي خاص مهمان نواز خان زنئور خطاب ڪندي چيو ته خوبصورت شاعرن جي خوبصورت شاعري ٻڌي اتساهه مليو آهي، ڏات ڌڻين جو قدر ڪرڻ گهرجي. جيئن اڄ هتي شاعرن، ليکڪن ۽ اديبن جو قدر ڪندي ايوارڊ ۽ مڃتا شيلڊوون ڏنيون ويون آهن. اسان کي به پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ کپي. اهڙيون تقريبون امن ۽ پيار جو درس ڏين ٿيون. جيڪو اسان کي اڳ صوفي ڏيئي ويا آهن. اسان کي اهڙي واٽ وٺڻي پوندي.خالص ميرٽ ڏسي هڪ اتساه پيدا ٿيو آهي.شاعرن ۾ بيچيني جو عالم ڏسڻ وٽان هو جيڪي صرف ججن جي فيصلي جو وڏي تجسس سان انتظار ڪري رهيا هئا.ايتري ۾ ججن طرفان فيصلو سائين عبدالغفار تبسم کي ملي چڪو.هو.هن کي صدارتي خطبي سان گڏ فيصلي جي انائوسمينٽ ڪرڻ لاء سڏيو ويو.هن صدارتي خطاب ڪندي چيو امن مشاعرو هن اهم موقعي تي منقعد ڪرڻ طوفان ۾ هير جي جهوٽي جيان آهي، دنيا ۾ امن لاءِ اسان جي صوفين ڪلاسيڪل شاعرن، شاعري ۾ پيغام ڏنو آهي. اسان جي تاريخ، جاگرافي ۽ سرحدون ٻڌائن ٿيون ته اسان پر امن رهيا آهيون. هونئن به اسان جتي رهون امن سان رهون، پاڻ به جيئون ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيون. پنهنجي بقا انهي ۾ آهي ته اسان ٻين جي بقا چاهيون. اسان کي بي ترتيب قوم چيو ويندو آهي پر اهو انتهائي غلط آهي، با ترتيب قوم جو هي امن مشاعرو ۽ ايوارڊ تقريب هڪ سُهڻو مثال آهي، جيڪو امن مشاعري کان وٺي ايوارڊ تقريب تائين ترتيب سان هو. مان ڏاڍو مطمئن ۽ خوش آهيان. اهڙا شاندار پروگرام مون گهٽ ڏٺا آهن. مون کي اميد آهي ته دوست ساڳي جستجو ۽ دل و جان سان پنهنجو ادبي سفر جاري ۽ ساري رکندا. هن. امن مشاعري ۾ ۾بهترين  شاعري پڙهڻ جو ايوارڊ گلزار سيال کي قرار ڏنو،جنهن تي چئني طرفن کان واهه واهه ڪري خوب تاڙيون وڳيون.ناضرينن ڀاڪر پائي مبارڪون ۽ چميون ڏنيون.تاڙين جي گونج ۾ بهترين شاعر جو ايوارڊ عبدالغفار تبسم کان وصول ڪيو.آخر ۾ ماني مهمانن کي کارائي وئي.شاعرن يادگار ڦوتو ڪڊرائڻ ۾ رلي ملي ويا ۽ فليش جون تجلون جاري رهيون

ڪاڇي جو اڀياس تي ڊاڪيومينٽري ٺاهيندڙ امر لاشاري ايوارڊ وصول ڪندي

علامه آء آء قاضي لائبرري جي شيلڊ نذاڪت فاضلاڻي وصول ڪندي

شاعر نشتر ناٿن شاهي مجتا شيلڊ ساس خيرپور سيڪريٽري وصول ڪندي

عزيز ڪنگراڻي جي مڄتا شيلڊ ساس جوهي وصول ڪندي