جاڳرتا مهم ء سال 2016ع کي امن سال ڪري ملهائڻ جو فيصلو

مانوارا ضلعي رابطه سيڪريٽري

سنڌ سلامت ـــ سنگت سلامت

بابت ــ  فيبروري 2016ع ۾ سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جي تيارين ۽ سنگت مرڪز پاران 2016ع بابت فيصلو

پيارا ساٿي

سنڌي ادبي سنگت پاران هر سال سنڌي قومي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ پهرين فيبروري کان 21 فيبروريءَ تائين سنگت جون سموريون شاخون سدائين پنهنجو ڪردار ادا ڪندييون آيون آهن . ان سلسلي ۾ اوهان کي گذارش ٿي ڪجي ته اڳواٽ ئي پنهنجن ضلعن ۾ سمورين شاخن جا جدا جدا ۽ گڏيل اجلاس گھرائي ايڪيهن ڏينهن جو شيڊول تيار ڪري مرڪز ڏانهن موڪليندا ته جيئن اوهان جي مک تقريبن ۾ مرڪزي باڊيءَ مان ڪو نه ڪو عهديدار به شامل ٿي سگهي. جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سيمينار، ،مذاڪرا،مظاهرا، مشاعرا ۽ ٻولي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.ـــ سنڌي ادبي سنگت پاران فيصلو ڪيو ويو آهي ته 2016ع سال کي امن، ڀائيچاري ۽ ادب جو سال ڪري ملهايو ويندو.ان سلسلي ۾ امن مشاعرا،ليڪچر ۽ سيمينار ڪري وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي سميت سمورن غير جمهوري،غيرفطري روين خلاف سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن پنهنجو پيغام علم ۽ شعور ذريعي پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي نه صرف پوري ملڪ پر پوري عالم ۾ سنڌ جي پرامن عڪس کي دنيا اڳيان آڻي سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا . ان ڪري ان سلسلي ۾ به پوري سال جو شيڊول جاري ڪندا. اميد ته سمورا رابطه سيڪريٽري هنن ٻنهين ايجندائن تي مڪمل رٿا بندي ڪندي شاخن کي متحرڪ ڪندا ۽ هن خط جي ڪاپي سمورن ساخن ڏانهن رواني ڪندي مرڪز کي لکت ۾ موٽ رسيد طور خط پڻ روانو ڪندا.

بيحد پيار مان

ڊاڪٽر مشتاق ڦل

2 جنوري2016ع