ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ
_____________________________________________________________
سنڌي ادبي سنگت جي وفد پاران پيش ڪيل تجويزون
 

1 ) سنڌي ماڻهن جو آئيني،اخلاقي ۽ فطري حق آهي ته سندن ٻار ماءُ ٻولي (سنڌيءَ) ۾ تعليم پرائي سگھن. ان سلسلي ۾ سنڌ جي سياحت،ثقافت واري کاتي کي عملي قدم کڻڻ لاءِ باظابطه ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.ماضيءَ ۾ سنڌ جي ڏاهي،عالم،اڪابر سائين محمد ابراهيم جويو جي نگرانيءَ ۾ هڪ ڪميٽي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي تعاون سان ان تي ڪجھ ڪم ڪيو پر ان ڪم کي اڳتي نه وڌايو ويو .ان لاءِ سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر اڀريل آهي انڪري ان تي عملي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت محسوس ٿي رهي آهي ،ثقافت کاتو ان سلسلي ۾ اپاءَ وٺي .سنڌي ادبي سنگت جا ڪارڪن ۽ اديب ڀرپور سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
2 ) ڪتابن جي چپائيءَ ۾ ماضيءَ ۾ ميرٽ جو خيال ڪرڻ بجاءِ پنهنجا نوازي ۽ پسند،ناپسند جي بنيادن تي ڪتاب ڇپرائي سنڌ جي نمائنده ،نئين ٽهيءَ جي اديبن،شاعرن کي ايترو ته پري رکيو ويو آهي جو هو هاڻي هواميدون هاري ويٺا آهن. ان ڪري توڙي جو نوجوان تمام سٺو ادب سرجي رهيا آهن پر محسوس اهو ڪرايو پيو وڃي ته هاڻي بهتر ادب سرجي ئي نه پيو.تنهنڪري نوجوان اديبن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري سندن ڪتاب ميرٽ جي بنياد تي ڇپرائڻ کي ترجيحي بنيادن تي کنيو وڃي.
 
3 ) انڊومينٽ توڙي وظيفي واري فنڊ جي منظوريءَ دوارن پوري ڇنڊ ڇاڻ بعد حقيقي اديبن،شاعرن،اداڪارن،فنڪارن،مصورن ۽ فن جي ٻين شعبن جي ماڻهن کي مدد ڏني وڃي. سدائين ايئن ٿيندو آيو آهي ته جنهن اديب لاءِ ميڊيا ۾ گھڻيون خبرون لڳنديو آيون آهن انهن کي لکين رپيا ۽ جيڪي بي پهچ ۽ خاموش خدمتگار اديب آهن انهن کي يا ته ٽاريو ويو اهي يا کين پنجويه کان پنجاه هزار ڏئي فرض پورو ويو آهي. ٿيڻ ايئن کپندو آهي ته ضلعي سطح تي اهڙيون ڪميٽيون جوڙي انهن کان سندن بيماري يا ضرورت بابت معلومات وٺي بيماري ۽ غربت جي بنياد تي فنڊ جاري ڪرڻ جا فيصلا ڪيا وڃن.
 
4 ) فن سان لاڳاپيل سمورن سڄاڻ اديبن،شاعرن،ليکڪن،قلمڪارن،فنڪارن،اداڪارن ۽ چترڪارن جي انشورنس ڪرائن لاءِ هنگامي بنيادن تي هڪ سيل قائم ڪري قدم کنيا وڃن ته انڊومينٽ فنڊ وارو معاملو خودبخود حل ٿي سگهي ٿو.
 
5 ) ثقافت کاتي پاران چپجندڙ ڪتابن تي نه صرف کاتي پاران معاوضو ڏيڻ واري عمل کي يقيني بڻايو وڃي پر سمورن پبلشنگ ادارن سان گڏجاڻيون منعقد ڪرائي پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي اديبن کي معاوضو ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن.ان سان نه صرف ثقافت کاتي جي ساک وڌندي پر سنڌ جي تاريخ ۾ هن ڪم کي سدائين ياد ڪيو ويندو.
 
6 ) سنڌ جي شاندار ماڳن مڪانن جي سار سنڀال ۽ انهن جي بهتريءَ لاءِ پڻ اهڙن ماڻهن کي چونڊي ان تي ڪم ڪيو وڃي جنهن سان محسوس ٿئي ته ان لاءِ رکيل فنڊ درست استعمال ٿي رهيا آهن.اڄ به ڪيترائي ماڳ مڪان آهن جن تي بااثر ماڻهو قبضا ڪري انهن هنڌن جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن جنهن جو اهم مثال اروڙ وارو تاريخي ماڳ آهي.
 
7 ) سنڌ جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ لائبررين جو قيام عمل ۾ آڻي پڙهڻ جي رجحان کي وڌائڻ لاءِانهن جي باضابطه کُلڻ ۽ بند ٿيڻ واري وقت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هر مهيني باقعدگيءَ سان ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪتابي ميلا لڳائي ڪتابن جي وڪري ۽ پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائي وڃي.
 

8 ) حيدرآباد ۾ ٿيل هارس ۽ ڪيٽل شو ۾ استعمال ٿيل پئسن واري اٿندڙ سوالن بابت خصوصي وضاحت جاري ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا اديب مطمئن ٿي سگھن ته سندن کاتي جا فنڊ ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ٿيا آهن.
خير انديش
سنڌي ادبي سنگت،سنڌ ڏهاڙو خميس تاريخ؛14_07_2016
03338957091